ديوان مدد

ديوان مدد (ڪتاب): هي سنڌ جي نامور عالم ۽ شاعر مرزا مدد علي بيگ ابن مرزا نور محمد بيگ جي غزلن جو ديوان آهي. مرزا مدد علي ’مدد‘ جو تعلق ٽنڊي آغا جي علمي ادبي مرزا گهراڻي سان آهي. شاعري ورثي ۾ مليل هئس ۽ ننڍپڻ کان شاعري ڪندو هو. سندس تعلق لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره سان هو. هن جا ڪيترا غزل ’گلدستهء سنڌ‘ لاڙڪاڻي ۾ شايع ٿيل آهن. هن سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ غزل، مرثيه ۽ سلام چيا آهن. شاعريءَ کانسواءِ ڪيترا ناول به لکيائين، جن مان ’چين جو شهزادو‘ (ٻه جلدَ)، ’عقل چراغ‘ (ٻه جلد)، ’انارڪلي‘ ۽ ’سيف الملوڪ‘ 1920ع واري ڏهاڪي ۾ شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ اردوءَ جي نامور مرثيه گو شاعرن جا چونڊ سلام پڻ 1912ع ۾ مرتب ڪري شايع ڪرايائين.
ديوان مدد ۾ غزل رديفن مطابق الف ب جي ترتيب سان رکيل آهن. مدد جي غزلن جي خوبي سندس انداز بيان مان ظاهر آهي، جيڪو تمام بهترين آهي. سندس غزلن تي فارسي غزل گو شاعرن حافظ شيرازي، طالب آملي، شوڪت بخاري، سعدي شيرازي، جامي، اهلي شيرازي ۽ ٻين جو گهڻو اثر آهي، پر ان هوندي به سندس غزل جي ٻولي گهڻي قدر ٺيٺ سنڌي آهي. ديوان مدد اڃا تائين قلمي صورت ۾ ٽنڊي آغا جي مرزائن وٽ محفوظ آهي.


لفظ ديوان مددھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو